سچل جو سنيهو

سچل جو سنيهو

سچل جو سنيهو

سچل جو سنيهو (ڪتاب): سچل سرمست جي خاندان جي تذڪري، سچل سرمست جي سوانح، تصنيفن، ڪلام، ڪلام جي فني خوبين ۽ سندس ڪلام ۾ موجود سنيهي تي مشتمل هي تحقيقي ڪتاب، نامور محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب کي هيٺين عنوانن ۾ ورهائي لکيو ويو آهي:
سچل سرمست جو خاندان: هن عنوان هيٺ حسب نسب، درازا، خواجه محمد حافظ، خواجه عبدالحق ۽ درگاهه جو سلسلو بيان ڪيو ويو آهي.
سچل سرمست جي سوانح: هن عنوان هيٺ نالي، ولادت، تربيت، بيعت، شادي، صورت ۽ سيرت، طالب، وفات ۽ تاريخي پسمنظر شامل آهن.
سچل سرمست جون تصنيفون: هن عنوان هيٺ سچل جي فارسي، اردو، سرائيڪي ۽ سنڌي شاعري ۽ ڪتابن جو جائزو ورتو ويو آهي.
سچل جو سنيهو: هن عنوان هيٺ وحدت الوجود، وحدت نامه ۽ حسن و عشق جو ذڪر آهي.
فني خوبيون: بيت ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽن، زبان ۽ محاوري جو بيان شامل آهي. ان کانپوءِ بيتن ۽ ڪافين جو انتخاب، متفرقه ڪلام شامل ڪيو ويو آهي ۽ آخر ۾ ماخذ بيان ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي پوين صفحن ۾ سچل شناس عالمن جون تصويرون به ڏنيون ويون آهن.
ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ 1984ع ۾ ۽ هي ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيمت 110 روپيا آهي.


لفظ سچل جو سنيهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو